اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردي جي ڍانچي جي خلاف جاري پنهنجي ڪاررواين بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بي بنياد، گمراهه ڪندڙ ۽ بنا جواز بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد گروپن، بشمول اهي گروپ جيڪي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين جي نظام جي زمري ۾ اچن ٿا، جي حمايت ۽ سرپرستي کان …
پاڪستان پاران افغانستان دهشتگردي جي خلاف جاري ڪاررواين بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جو بي بنياد، گمراهه ڪندڙ ۽ بنا جواز بيان رد

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردي جي ڍانچي جي خلاف جاري پنهنجي ڪاررواين بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بي بنياد، گمراهه ڪندڙ ۽ بنا جواز بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد گروپن، بشمول اهي گروپ جيڪي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين جي نظام جي زمري ۾ اچن ٿا، جي حمايت ۽ سرپرستي کان پاسو ڪري. افغانستان جي حوالي سان ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان تي پاڪستان جي ردعمل بابت ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته افغان سرزمين تان پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي ڀارتي سرپرستي ۽ خطي ۾ ان جي تاريخي تخريبي ڪردار جي ڏس ۾ اهو بيان رڳو ڀارت جي کليل منافقت ۽ ٻٽي معيار جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اهو بيان اهڙي ملڪ پاران سامهون آيو آهي جنهن جي قيادت داخلي سياسي مفادن جي لاءِ اسلامو فوبيا کي هوا ڏيڻ ۽ پنهنجي مسلم آبادي جي خلاف پرتشدد واقعن جي باوجود جوابدهي کان مٿانهون آهي. ڪجهه هفتا اڳ ئي ان جي قيادت هڪ اهڙي قابض ڌر جي مڪمل ۽ غيرمبهم حمايت جو اعلان ڪيو جيڪا هزارين بيگناهه فلسطينين جي مسلسل قتل جي ذميوار آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اها انتهائي کل جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ اهڙي رياست جنهن تاريخي طور تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جي خلاف ورزي ڪندي پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي نقصان پهچايو، انهن ئي اصولن جي پاسداري تي خيالن جو اظهار ڪري. اهڙا بيان ان حقيقت تان ڌيان هٽائي نه ٿا سگهن ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي ڪندي دٻايو آهي ۽ مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي. طاهر اندرابي چيو ته ڀارت کي گهرجي ته هو افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد گروپن، بشمول اهي گروپ جيڪي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين جي نظام تحت ڏنل آهن، جي حمايت ۽ سرپرستي کان پاسو ڪري. ان ڏس ۾ ڀارت کي پاڪستان جي ڪامياب دهشتگردي جي خلاف ڪاررواين تي اجائي واويلا بند ڪرڻ گهرجي.











