اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته فيبروري ۾ قومي بجليءَ جو نظام مڪمل مستحڪم ۽ اثرائتي انداز ۾ فعال رهيو، اميدن کان وڌيڪ بجلي جي طلب کي ڪاميابيءَ سان پورو ڪيو ويو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ان عرصي ۾ بجلي جي پيداوار ۽ کپت ٻنهي ڪاٿن کان وڌيڪ رهيون جنهن سان نظام جي بهتر استعمال جي عڪاسي ٿئي ٿي. ان دوران …
فيبروري ۾ قومي بجليءَ جو نظام مڪمل مستحڪم ۽ اثرائتي انداز ۾ فعال رهيو، اميدن کان وڌيڪ بجلي جي طلب کي ڪاميابيءَ سان پورو ڪيو ويو: پاور ڊويزن جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته فيبروري ۾ قومي بجليءَ جو نظام مڪمل مستحڪم ۽ اثرائتي انداز ۾ فعال رهيو، اميدن کان وڌيڪ بجلي جي طلب کي ڪاميابيءَ سان پورو ڪيو ويو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ان عرصي ۾ بجلي جي پيداوار ۽ کپت ٻنهي ڪاٿن کان وڌيڪ رهيون جنهن سان نظام جي بهتر استعمال جي عڪاسي ٿئي ٿي. ان دوران ڪجهه پيداواري يونٽس جي عارضي بندش ۽ پن بجلي جي دستيابيءَ ۾ معمول موجب گهٽتائي جهڙن موسمي عملن مجموعي توانائي جي ترڪيب کي متاثر ڪيو. هن چيو ته انهن حالتن باوجود نظام کي نهايت ذميداري ۽ پيشيوراڻه انداز ۾ هلايو ويو، ميرٽ آرڊر موجب بجلي جي ترسيل کي يقيني بڻايو ويو ۽ دستياب وسيلن کي اثرائتي طريقي سان ڪتب آندو ويو. ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته ان مهيني دوران فرنس آئل سان بجلي پيداو نه ڪئي وئي جنهن جي لاڳت ۾ بهتري آئي. ترجمان چيو ته فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ ان مدت دوران بجلي جي پيداوار ۾ استعمال ٿيل ٻارڻ جي تناسب ۾ تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو، اها هڪ معمول جي ريگيوليٽري مشق آهي جيڪا لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن موجب طئي ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته اها ڳالهه به اهم آهي ته بجلي جي وڌيڪ کپت جي نظام جي سگهه جو بهتر استعمال ممڪن هوندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ وقت سان مجموعي ٽيرف تي اعتدال جو اثر پوي ٿو، مجموعي طور تي بجلي جو نظام اعتماد جوڳو ۽ فعال رهيو ۽ سمورا اپريشنل چئلينجز باوجود متوازن ۽ اثرائتي انداز ۾ بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو.











