ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ نئين ڀائيواري حڪمتِ عملي جاري ڪري ڇڏي، نجي شعبي جي قيادت ۾ ملڪ کي جٽادار ۽ جامع معاشي اؤسر طرف وٺي وڃڻ لاءِ واضح لائحه عمل پيش

اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ نئين ڀائيواري حڪمتِ عملي سال 30-2026ع جاري ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ نجي شعبي جي قيادت ۾ ملڪ کي جٽادار ۽ جامع معاشي اؤسر طرف وٺي وڃڻ لاءِ واضح لائحه عمل پيش ڪيو ويو آهي. بئنڪ طرفان جاري بيان موجب 5 ساله حڪمتِ عملي نجي شعبي جي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ، شموليت ۽ بااختياري کي …

اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ نئين ڀائيواري حڪمتِ عملي سال 30-2026ع جاري ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ نجي شعبي جي قيادت ۾ ملڪ کي جٽادار ۽ جامع معاشي اؤسر طرف وٺي وڃڻ لاءِ واضح لائحه عمل پيش ڪيو ويو آهي. بئنڪ طرفان جاري بيان موجب 5 ساله حڪمتِ عملي نجي شعبي جي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ، شموليت ۽ بااختياري کي اڳتي وڌائن ۽ لچڪ ۽ جٽاداري کي مضبوط بنائڻ جي 3 بنيادي رُخن تي ٻَڌل هوندي، انهن ترجيحن کي بهتر طرزِ حڪمراني ۽ اداره جاتي مضبوطي، صنفي مساوات ۽ سماجي شموليت، ڊجيٽل تبديلي ۽ علائقائي سهڪار ۽ لاڳو ڪرڻ جهڙن جامع موضوعن ذريعي هٿ ڏئي سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافن ٻُڌايو ته اها نئين حڪمتِ عملي پاڪستان کي پيش ايندڙ ڍانچه جاتي مسئلن جي حل ۽ مضبوط ۽ پُراڻي معاشي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ترتيب ڏني وئي آهي جنهن جا ثمر سڄي ملڪ خاص ڪري غريب ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقن تائين پهچندا. ان سان اهم شعبن ۾ اسٽريتجڪ سيڙپڪاري ۽ سڌارن ذريعي معاشي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اي ڊي بي ان جامع ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي شعبن سان سهڪار جاري رکڻ جي خواهشمند آهي. اي ڊي بي موجب پاڪستان پرڏيهي لوڏن جي سلسلي کان پوءِ پنهنجي اهم معيشت جي صورتحال کي مستحڪم ڪيو آهي ۽ اهم ڍانچه جاتي سڌارن جي شروعات ڪئي آهي. اها حڪمتِ عمي ان بدلجندڙ روشنيءَ موجب روانگي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏئي ٿي جنهن کي بهتر عوامي مالياتي نظم، ڪاروبار دوست ماحول ۽ اعليٰ اثر رکندڙ شعبن ۾ سيڙپڪاري ذريعي هٿي ڏني ويندي. اي ڊي بي سڌارن ۽ سيڙپڪاريءَ ذريعي ضابطه جاتي ۽ تعميلي بار گهٽ ڪندو، بنيادي ڍانچه کي بهتر بڻايو ويندو، مالي وسلن تائين پهچ وڌائي ويندي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏني ويندي ۽ نجي شعبي جي سرگرمين کي هٿي ڏني ويندي. بيان موجب اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اي ڊي بي پاڪستان ۾ جامع ۽ مربوط حل متعارف ڪرائيندو جنهن ۾ پاليسي سڌارن، خودمختيار ۽ غير خودمختيار مالي معاونت، فني امداد ۽ عملي معاونت شامل هوندي. بئنڪ آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي نظام، موسمياتي تبديلي سان مطابقت ۽ ان جي اثرن ۾ گهٽتائي، ٻوڏ ۽ آبي وسيلن جي مربوط انتظام، زرعي ويليو چينز ۽ غذائي تحفظ ۽ فضائي گدلاڻ ۾ گهٽتائيءَ بابت قدمن جي معاونت ڪندي. اها حڪمت عملي پاسڪتان جي نيشنل اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پلان 29-2024ع ۽ اي ڊي بي جي اسٽريٽجي 2030ع مڊٽرم ريوي سان هم آهنگ آهي جيڪا مضبوط معاشي ترقي، سماجي شموليت، ماحولياتي تحفظ ۽ پائيداري جي گڏيل هدفن جي عڪاسي ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ اي ڊي بي عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف ۽ ٻين ترقياتي ڀائيوارن  سان ويجهي سهڪار کي به هٿي ويندي ته جيئن ترقياتي اثرن کي وڌ کان وڌ بڻائي سگهجي.