وزيراعظم پاران رمضان پئڪيج تحت 90 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ مستحقين کي رقم جي شفاف طريقي سان فراهمي تي سمورن لاڳاپيل ادارن کي شاندار خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز  شريف رمضان پئڪيج تحت 90 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ مستحقين کي رقم جي شفاف طريقي سان فراهمي تي سمورن لاڳاپيل ادارن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج 2026ع جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ …

اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز  شريف رمضان پئڪيج تحت 90 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ مستحقين کي رقم جي شفاف طريقي سان فراهمي تي سمورن لاڳاپيل ادارن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج 2026ع جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ ٽيڪسز واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم رمضان پئڪيج 2026ع تحت 90 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ مستحق ماڻهن کي ادائيگيون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم رمضان پئڪيج 2026ع تحت مستحقين کي رقم جي شفاف طريقي سان منتقلي تي سمورن لاڳاپيل ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سوشل پروٽيڪشن والٽس پاڪستان ۾ فنانشل ٽيڪنالاجيز ۽ شفافيت جي حوالي سان هڪ انتهائي اهم سنگ ميل ۽ ڪامياب قدم آهي. وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون سموريون ادائيگيون سوشل پروٽيڪشن والٽس جي ذريعي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايم رمضان ريليف پئڪيج 2026ع تحت هيستائين 1955620 ڊيجيٽل ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون آهن. پي ايم رمضان ريليف پئڪيج 2026ع جي حوالي سان هڪ ڀرپور آگاهي مهم هلائي پئي وڃي. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ضابطا آگاهي پيغامن جي ڪري مستحقين کي پئڪيج بابت سموري معلومات پهچي وئي. بريفنگ موجب 9999 هيلپ لائين تي صارفين پاران 1.7 ملين ان بائونڊ ڪالز موصول ٿيون جڏهن ته ان پروگرام بابت 2.7 ملين ايس ايم ايس موڪليا ويا. ان کانسواءِ پي ايم رمضان ريليف پئڪيج 2026ع تحت سوشل پروٽيڪشن والٽس ملڪ ۾ ڊيجيٽل نظام ۾ صنفي ورڇ گهٽ ڪرڻ ۾ انتهائي ڪارگر ثابت ٿيو.