اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جاري اسرائيلي حملن جي دوران ايران جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر نومبر 2025ع ۾ ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني جي پاڪستان جي سرڪاري دوري کي …
صدر آصف علي زرداري پاران اسرائيلي حملن دوران ايران جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني جي شهادت تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جاري اسرائيلي حملن جي دوران ايران جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر نومبر 2025ع ۾ ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني جي پاڪستان جي سرڪاري دوري کي ياد ڪندي چيو ته ان موقعي تي هن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. هن پاڪستان – ايران لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر لاريجاني جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. صدر چيو ته جاري ڇڪتاڻ جي ڪري انساني جانين جي زيان ۽ بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچي رهيو آهي جنهن سان سڄي خطي ۾ سنگين معاشي اثر ۽ عدم استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي. صدر تحمل ۽ ڇڪتاڻ جي فوري خاتمي تي زور ڏيندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته اهي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏين. هن اميد ظاهر ڪئي ته صورتحال جلد مستحڪم ٿيندي ۽ وڌيڪ جاني نقصان ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي ڦهلاءُ کان اڳ امن بحال ٿي ويندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن جي فروغ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ خطي ۾ تڪرار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.











