اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي تعميري ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عمان جي سلطان هيثم بن طارق ٽيليفون ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گرمجوش ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران عيد جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد جي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عمان جي سلطان هيثم بن طارق جي ٽيليفون، موجوده علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي تعميري ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عمان جي سلطان هيثم بن طارق ٽيليفون ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گرمجوش ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران عيد جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد جي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ مسلمان امت جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ موجوده علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عمان جي مختلف علائقن ۾ حملن دوران قيمتي جانين جي زيان تي عمان جي ڀائر عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف امن ۽ استحڪام ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمان جي سلطان کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سلطان هيثم بن طارق پاران گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي عمان جو دورو ڪرڻ جي لاءِ ڏنل دعوت جو پڻ مثبت جواب ڏنو.











