اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي 18 ۽ 19 مارچ تي رياض جو دورو ڪندو جتي هو خطي جي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اجلاس ۾ خطي جي سمورن ڀائر ملڪن جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سياسي آزادي جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي 18 ۽ 19 مارچ تي رياض جو دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي 18 ۽ 19 مارچ تي رياض جو دورو ڪندو جتي هو خطي جي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اجلاس ۾ خطي جي سمورن ڀائر ملڪن جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سياسي آزادي جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندو ۽ انهن جي علائقن تي ٿيندڙ سمورن حملن جي خاتمي جو مطالبو ڪندو. نائب وزيراعظم جاري تڪرار جي فوري خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي مطالبي کي ورجائيندي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري طرف واپسي جي ضرورت تي زور ڏيندو. هو پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪندو ۽ ان عزم جو اظهار ڪندو ته پاڪستان خطي کي درپيش سنگين سيڪيورٽي بحران جي حل ۾ پنهنجو موثر ڪردار جاري رکندو.











