وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ريلوي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي جي ملڪ جي معيشت ۽ مواصلات ۾ اهم حيثيت کي اُجاگر ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي بنيادي ڍانچي کي پائيدار بنيادن تي نئين سر تعمير جي ضرورت ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن جي لاءِ ريلوي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ قومي پاليسي جو اهم جُز آهي. هو وزيراعظم هائوس ۾ پنهنجي صدارت …

اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي جي ملڪ جي معيشت ۽ مواصلات ۾ اهم حيثيت کي اُجاگر ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي بنيادي ڍانچي کي پائيدار بنيادن تي نئين سر تعمير جي ضرورت ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن جي لاءِ ريلوي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ قومي پاليسي جو اهم جُز آهي. هو وزيراعظم هائوس ۾ پنهنجي صدارت ۾ منعقد ٿيل پاڪستان ريلوي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن جي وفاقي وزير احد خان چيما، ريلوي جي وفاقي وزير حنيف عباسي، ناڻي ۽ ٽيڪسز واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ريلوي نظام ملڪ جي معيشت ۽ مواصلات ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن ملڪ جي مُعاشي ۽ صنعتي ترقي لاءِ سڄي مُلڪ جي ريلوي انفراسٽرڪچر کي نئين سر تعمير ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته علائقائي واپار ۽ رابطن لاءِ ريلوي ک جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ قومي پاليسي جو هڪ اهم جُز آهي. هن پاڪستان ريلوي کي مال برداري سهولتن کي اپ گريڊ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته موجوده علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ٻارڻ جي بچت جي حوالي سان سامان جي چُرپُر جي لاءِ ريلوي جي مال برداري سروس جو استعمال اڻٽر بڻجي چُڪو آهي. اجلاس ۾ پاڪستان ريلوي ۾ جاري سڌارن بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ريلوي جي مال برداري سروس ۾ هن سال 21 سيڪڙو واڌ جي اميد آهي، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان مين لائن ون (ايم ايل-1) جي پهرين مرحلي ڪراچي-روهڙي سيڪشن جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان ڪم جاري آهي، انجنيئرنگ ڊيزائن، ماحولياتي اثرن بابت فيلڊ سروي ۽ زمين جي خريداري جو عمل جاري آهي، ٿر ريل ڪنيڪٽوٽي منصوبي تي 57 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. بريفنگ موجب، مين لائين 3 جي روهڙي-نوڪنڊي سيڪشن جي اپ گريڊيشن بلوچستان صوبي مان معدنيات جي چُرپُر جي حوالي سان هڪ انتهائي اهم منصوبو آهي، جنهن لاءِ ڊيزائن ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن ۽ پي سي ون پڻ تيار ٿي چُڪي آهي. پاڪستان ريلوي جي ڊجيٽلائيزيشن جو عمل پڻ جاري آهي. رابطا ايپليڪيشن، ڪيش ليس ٽڪيٽنگ ۽ ريلوي اسٽيشنن تي مفت وائي فائي جي فراهمي اهم سنگ ميل آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فريٽ مئنيجمينٽ سسٽم، ڊجيٽل وئينگ برج ۽ رولنگ اسٽاڪ ٽريڪنگ سسٽم جي مدد سان فريٽ سروسز جو معيار بهتر ۽ شفاف ٿيو آهي.