نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم جي ملاقات

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني سفير هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام پاران ڀرپور اخلاقي حمايت تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم تڪرار ۾ قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ جلد کان جلد حل جي اميد ظاهر ڪئي. هن …

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني سفير هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام پاران ڀرپور اخلاقي حمايت تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم تڪرار ۾ قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ جلد کان جلد حل جي اميد ظاهر ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي مسئلن جي حل ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو واحد قابل عمل رستو آهي.