پاڪستان ڏهاڙي تي پريڊ ۽ ان سان واڳيل سموريون تقريبون منعقد نه ڪيون وينديون

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) نار جي صورتحال جي ڪري تيل جي بحران ۽ حڪومت پاران اعلان ڪيل ڪفايت شعاري قدمن جي ڏس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 23 مارچ 2026ع تي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ ۽ ان سان واڳيل سموريون تقريبون منعقد نه ڪيون وينديون جڏهن ته ان ڏينهن کي وقار ۽ احترام سان سادي جهنڊي ڦڙڪائڻ جي تقريبن جي ذريعي ملهايو ويندو. وزيراعظم آفيس …

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) نار جي صورتحال جي ڪري تيل جي بحران ۽ حڪومت پاران اعلان ڪيل ڪفايت شعاري قدمن جي ڏس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 23 مارچ 2026ع تي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ ۽ ان سان واڳيل سموريون تقريبون منعقد نه ڪيون وينديون جڏهن ته ان ڏينهن کي وقار ۽ احترام سان سادي جهنڊي ڦڙڪائڻ جي تقريبن جي ذريعي ملهايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهو قدم ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيو پيو وڃي ته قوم جي پاڪستان ڏهاڙي جي نظرين سان وابستگي، استقامت ۽ اڻٿڪ عزم سان گڏوگڏ وسيع تر ڪفايت شعاري پاليسي کي پڻ برقرار رکيو وڃي. بيان موجب سمورين وزارتن، ڊويزنن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي سادگي ۽ پروقار طريقي سان پاڪستان ڏهاڙو ملهائين ته جيئن محدود تقريبن جي باوجود ان ڏينهن جي اهميت ۽ ان جو حقيقي پيغام برقرار رکي سگهجي.