موسميات کاتي موجب سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 17 کان 20 مارچ تائين برفباري، برسات ۽ طوفان جي اڳڪٿي

اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) موسميات کاتي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 17 کان 20 مارچ تائين برفباري، برسات ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب 17 مارچ کان ملڪ جي اولهندي علائقن ۾ داخل ٿيندڙ نئون اولهندي سلسلو 20 مارچ تائين ملڪ جي اڪثر حصن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندو جنهن سبب مختلف علائقن ۾ برسات، طوفان ۽ گجگوڙ جا امڪان آهن، جڏهن ته مٿاهين علائقن …

اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) موسميات کاتي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 17 کان 20 مارچ تائين برفباري، برسات ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب 17 مارچ کان ملڪ جي اولهندي علائقن ۾ داخل ٿيندڙ نئون اولهندي سلسلو 20 مارچ تائين ملڪ جي اڪثر حصن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندو جنهن سبب مختلف علائقن ۾ برسات، طوفان ۽ گجگوڙ جا امڪان آهن، جڏهن ته مٿاهين علائقن ۾ برفباري جي به اميد آهي. کاتي موجب عيد ڏينهن ملڪ جي مٿاهين علائقن ۾ موسم جزوي کان مڪمل جهڙالي رهندي جڏهن ته بلوچستان ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي. سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، نوشهروفيروز، ڪشمور، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، سکر، گهوٽڪي، خيرپور، شيهد بينظير آباد، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ـ ٿرپارڪر ۾ 18 ۽ 19 مارچ تي برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي. ان کان علاوه بلوچستان جي علائقن ڪوئيٽه، زيارت، چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، چاغي، نشڪي، هرنائي، زوب، قلات، مستونگ، بارکان، سبي، لورالائي، خضدار، ڪيچ، گوادر، پنجگور ۽ آواران ۾ 17 مارچ تائين وقفي وقفي سان برسات، طوفان ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي، جڏهن ڪجهه علائقن ۾ برفباري جي به اميد آهي. ڪي پي ڪي جي علائقن چترال، دير، سوات، ڪالام، شانگله، ڪوهستان، بونير، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، مردان، پشاور، صوابي، چارسده، ڪوهاٽ، ڪرم، بنون، باجوڙ، مهمند، خيبر، اورڪزئي، ڊيرا اسماعيل خان ۽ وزيرستان ۾ 17 کان 20 مارچ دوران برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي، جڏهن ته پهاڙي علائقن ۾ برفباري ۽ ڪجهه هنڌن تي برفباري به ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته پنجاب ۾ مري، گلگت، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، جهلم، سرگوڌا، ميانواري، فيصل آباد ۽ ٻين علائقن ۾ 17 مارچ 20 مارچ تائين برسات ۽ گجگوڙ جي اميد آهي. امڪاني اثرن ۽ احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي مٿاهين علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. ڪجهه ماڳن تي کنوڻ جو امڪان آهي ۽ برفباري ۽ تيز هوائون فصلن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون. سياحن ۽ مسافرن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.