پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان

اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 837.50  پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ 150016.16  پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيت ۾ مجموعي طور 568 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. 223 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 182 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 163  جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 260.42 ملين شيئرز جي ڏيتي …

اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 837.50  پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ 150016.16  پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيت ۾ مجموعي طور 568 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. 223 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 182 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 163  جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 260.42 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 17.20 ارب روپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 1.03  پوائنٽس جي گهٽتائي کان پوءِ 45486.45  پوائنٽس ۽ اسلامي ماليت رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1433.99 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ 214854.65 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊ تحت 5.91  ارب روپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن بئنڪ آف پنجاب جي 32250568 شيئرز، ڪي اليڪٽرڪ جي 18076305 شيئرز ۽ ورلڊ ڪال ٽيليڪام جي 17871112 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، شاداب ٽيڪسٽائيل ملز، آءِ سي سي آءِ انڊسٽريز ۽ ٽرسٽ مضار به سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.