اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي نئين سر جوڙجڪ جي اصولي منظوري ڏيندي ان کي چين جي اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي طرز تي زرعي تحقيق جي حوالي سان تحقيقي ادارو بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته زرعي تحقيق جو زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبي جي فروغ ۾ اهم ڪردار آهي. وزيراعظم آفيس …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي اصولي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي نئين سر جوڙجڪ جي اصولي منظوري ڏيندي ان کي چين جي اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي طرز تي زرعي تحقيق جي حوالي سان تحقيقي ادارو بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته زرعي تحقيق جو زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبي جي فروغ ۾ اهم ڪردار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ پي اي آر سي جي معاملن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر ۽ طارق باجوه، وزيراعظم جي زراعت بابت ڪوآرڊينيٽر احمد عمير ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي نئين سر جوڙجڪ جي اصولي منظوري ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٽائيم لائين سان پي اي آر سي جي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ ٺوس پلان تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته زرعي تحقيق جو زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبي جي فروغ ۾ اهم ڪردار آهي. اجلاس کي پي آر سي کي زرعي تحقيق جي جديد دور جي گهرجن ساان هم آهنگ هڪ فعال ادارو بڻائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. قومي غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ زرعي شعبي جي برآمدات وڌائڻ جي حوالي سان پي اي آر سي کي هڪ فعال ادارو بڻائڻ جي لاءِ گورننس ڍانچي ۾ سڌارا، بهترين تحقيقي عملي جون خدمتون، عالمي حصيداري، صوبائي حڪومتن سان بهتر رابطا ۽ ڪارڪردگي جا واضح هدف سڌاراجاتي ايجنڊا جو حصو آهن. پي اي آر سي تحت ڪم ڪندڙ سمورن تحقيقي مرڪزن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري پنج سينٽر آف ايڪسيلينس ٺاهيا ويندا. اهي سينٽرز وڌيڪ پيداوار وارا ٻج، اعليٰ نسل جو چوپايو مال، پريسيسش ايگريڪلچر، فارم مڪينائيزيشن ۽ ان ۾ اي آءِ جو استعمال ۽ زرعي شعبي جي برآمدات وڌائڻ جي لاءِ فوڊ پروسيسنگ جي شعبن ۾ تحقيق جو ڪم ڪندا، زرعي تحقيق کي انڊسٽري سان ڳنڍيو ويندو.











