اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران افغان طالبان حڪومت پاران سوشل ميڊيا تي ڦهلايل اسپتال تي حملي جُون خبرُون حقيقتن جي ابتڙ ۽ گمراهه ڪندڙ قرار

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان طالبان حڪومت پاران سوشل ميڊيا تي ڦهلايل اسپتال تي حملي جي خبرن کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته افغان طالبان رجيم پاران ”ايڪس“ پوسٽ ۾ جنهن ”اميد اسپتال“ کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي اها حقيقت ۾ گذريل رات نشانو بڻايل ملٽري ۽ دهشتگردي جي هٿيارن ۽ ساز …

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان طالبان حڪومت پاران سوشل ميڊيا تي ڦهلايل اسپتال تي حملي جي خبرن کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته افغان طالبان رجيم پاران ”ايڪس“ پوسٽ ۾ جنهن ”اميد اسپتال“ کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي اها حقيقت ۾ گذريل رات نشانو بڻايل ملٽري ۽ دهشتگردي جي هٿيارن ۽ ساز ۽ سامان ذخيرو ڪرڻ جي جڳهه ڪمپ فينڪس کان ڪيترائي ڪلوميٽر پري آهي. فيڪٽ چيڪر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته اهو واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته اصل اسپتال ملٽري/ دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي جي مقابلي ۾ گهڻ ماڙ عمارت آهي. فيڪٽ چيڪر پاران ان جون تصويرون به ”ايڪس“ پليٽ فارم تي شيئر ڪيون ويون آهن، فرق ۽ ڪوڙ واضح آهي. اهو سوال به اٿاريو ويو ته مبينا منشيات جي بحالي جي مرڪز کي ڪنهن فوجي ڪئمپ ۾ مهلڪ گولا بارود ذخيرو ڪرڻ جي جڳهه سان گڏ ڇو قائم ڪيو ويو؟ اهو سوال به اڃا تائين جواب طلب آهي. فيڪٽ چيڪر، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پوسٽ ۾ اهو سوال به اٿاريو ويو ته افغان آفيشل هينڊل اها پوسٽ/وڊيو ڇو ڊيليٽ ڪئي؟ اها پهرين سرڪاري پوسٽ جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ڪنهن ”منشيات بحالي مرڪز“ کي نشانو بڻاوي ويو آهي، کي ڊيليٽ ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته اهو مصنوعي طور تي تيار ڪيل اي آءِ ڪلپ هو جيڪو ڪيترن ئي فيڪٽ چيڪس آڏو برقرار رهي نه سگهيو. افغان طالبان پنهنجي هٿ ٺوڪي پوسٽ تان پٺتي هٽندي نظر اچي رهيا آهن.