چين ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش 32هين چائنه لينزو انويسٽمينٽ اينڊ ٽريد فيئر ۾ شرڪت  لاءِ درخواستون 19 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون: ٽي ڊي اي پي

اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان چيو آهي، ته چين ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش 32هين چائنه لينزو انويسٽمينٽ اينڊ ٽريد فيئر ۾ شرڪت لاءِ 19 مارچ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش چين ۾ 6 کان 8 جولاءِ تائين جاري رهندي جنهن ۾ پاڪستاني ٽيڪسٽائيل، فيبرڪس اينڊ گارمينٽس، هوم ٽيڪسٽائيل، بيڊ شيٽ، ڪرٽين، راندين جو سامان، سرجيڪل …

اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان چيو آهي، ته چين ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش 32هين چائنه لينزو انويسٽمينٽ اينڊ ٽريد فيئر ۾ شرڪت لاءِ 19 مارچ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش چين ۾ 6 کان 8 جولاءِ تائين جاري رهندي جنهن ۾ پاڪستاني ٽيڪسٽائيل، فيبرڪس اينڊ گارمينٽس، هوم ٽيڪسٽائيل، بيڊ شيٽ، ڪرٽين، راندين جو سامان، سرجيڪل ۽ ڊينٽل اوزار، ڪارپيٽس، ليڌر گارمينٽس، چانور، هٿ جي هنر جي شين، ماربل جي مصنوعات، هربل ڪاسميٽڪس، هربل هيلٿ ڪيئر، پلاسٽڪ پراڊڪٽس، فروٽ جوس، انجنيئرنگ اينڊ آٽوپارٽس ۽ ان سان سلهاڙيل ماڻهن ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن سامهون پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٽي ڊي اي پي جي ويب سائيٽ تان  حاصل ڪري سگهجن ٿا.