اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ پارٽين جو انگ171 ٿي ويو، جڏھن ته ھڪ الائنس به فھرست ۾ شامل آھي، رجسٽرڊ پارٽين ۾ 12 مسلم ليگز، 4 پيپلز پارٽيون شامل آھن، انھن پارٽين مان وڏي انگ ڪڏھن به ڪنھن اسيمبلي جي رڪنيت حاصل نه ڪئي آھي. اليڪشن ڪميشن کان حاصل دستاويزن مطابق اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ مسلم ليگز ۾ چوڌري شجاعت حسين جي سربراھي ۾ پاڪستان مسلم …
اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ پارٽين جو انگ 171 ٿي ويو، ھڪ الائنس به فھرست ۾ شامل

مزید خبریں
اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ پارٽين جو انگ171 ٿي ويو، جڏھن ته ھڪ الائنس به فھرست ۾ شامل آھي، رجسٽرڊ پارٽين ۾ 12 مسلم ليگز، 4 پيپلز پارٽيون شامل آھن، انھن پارٽين مان وڏي انگ ڪڏھن به ڪنھن اسيمبلي جي رڪنيت حاصل نه ڪئي آھي. اليڪشن ڪميشن کان حاصل دستاويزن مطابق اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ مسلم ليگز ۾ چوڌري شجاعت حسين جي سربراھي ۾ پاڪستان مسلم ليگ، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل، پاڪستان مسلم ليگ جوڻيجو، پاڪستان مسلم ليگ نواز، پاڪستان مسلم ليگ (شير بنگله) اي جي فضل حق، پاڪستان مسلم ليگ (ڪائونسل)، پاڪستان مسلم ليگ (آرگنائزيشن)، پاڪستان مسلم ليگ (ضيا)، پاڪستان مسلم ليگ (ڪيو اوڪي)، پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ، عوامي مسلم ليگ، آل پاڪستان مسلم ليگ (جناح) شامل آھن. جڏھن ته انھن مان 9 مسلم ليگز جي قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي ئي ناھي. اھڙي طرح بلاول ڀٽو جي سربراھي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، آصف علي زرداري جي سربراھي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز رجسٽرڊ آھي. ان کان علاوه پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو)، پاڪستان پيپلزپارٽي (ورڪرز) به رجسٽرڊ آھن. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان انصاف نطرياتي جي نالي سان ٻه پارٽيون، جميت علماء اسلام جي نالي سان ٽي پارٽيون، جميت علماء پاڪستان جي نالي سان ٻه پارٽيون رجسٽرڊ آھن. مولانا فضل الرحمان جي سربراھي ۾ جميت علماء اسلام پاڪستان، جميت علماء اسلام سميع الحق، جميت علماء اسلام نظرياتي جي نالي سان رجسٽرڊ آھن. جڏھن ته ھن وقت قومي اسيمبلي ۾ انھن 171 رجسٽرڊ پارٽين مان ڪيترين ئي پارٽين جي نمائندگي موجود آھي، اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ وڏو انگ اھڙين پارٽين جو آھي، جيڪي ڪڏھن به اسيمبلي جي رڪنيت حاصل نه ڪري سگھيون آهن.











