اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) شوال 1447هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس خميس 19 مارچ تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندو. سڄي ملڪ ۾ زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻين ڪميٽين جا اجلاس پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندا. چنڊ نظر اچڻ جي …
شوال 1447هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 19 مارچ تي اسلام آباد ۾ طلب

مزید خبریں
اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) شوال 1447هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس خميس 19 مارچ تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندو. سڄي ملڪ ۾ زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻين ڪميٽين جا اجلاس پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندا. چنڊ نظر اچڻ جي حوالي سان اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي سڄي ملڪ مان مليل شاهدين کي نظر ۾ رکندي ڪندي.











