اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوجن آپريشن غضب للحق جي تحت 16 مارچ 2026ع جي رات ڪاميابي سان انتهائي صحيح هوائي حملا ڪندي ڪابل ۽ ننگرهار ۾ افغان طالبان حڪومت جي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ڪابل ۾ ٻن …
پاڪستان جي هٿياربند فوجن ڪابل ۽ ننگرهار ۾ افغان طالبان حڪومت جي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ فوجي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو: عطاءُالله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوجن آپريشن غضب للحق جي تحت 16 مارچ 2026ع جي رات ڪاميابي سان انتهائي صحيح هوائي حملا ڪندي ڪابل ۽ ننگرهار ۾ افغان طالبان حڪومت جي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ڪابل ۾ ٻن هنڌن تي موجُود فني مدد جي بنيادي ڍانچي ۽ هٿيار ذخيرو ڪرڻ جي سهولتن کي مؤثر انداز ۾ تباهه ڪيو ويو. حملن کانپوءِ نظر ايندڙ ثانوي ڌماڪا واضح طور تي هٿيارن جي وڏن ڊپوئن جي موجودگي جي نشاندهي ڪن ٿا. ننگرهار ۾ پڻ، پاڪستان جي هٿياربند فوجن افغان طالبان حڪومت جي دهشتگردي کي اسپانسر ڪندڙ چئن فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ لاڳاپيل لاجسٽڪ سهولتون، هٿيار ۽ فني بنيادي ڍانچو تباهه ٿي ويو. صرف انهن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو جيڪي افغان طالبان حڪومت پنهنجي ڪيترن ئي دهشتگرد پراڪسيز جن ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي حمايت لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، جيڪو جاري ڪيل فوٽيج ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغان طالبان حڪومت جي پروپيگنڊا ڪندڙن جُون ڪوڙيُون دعوائون خطي ۾ دهشتگردي جي حمايت ۽ سرپرستي جي ڪڌي قدمن سان افغان عوام ۽ دنيا کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهن. ماسٽر ٽيرر پراڪسي پاران مڙهيل دهشتگردي سان پاڪستاني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ آپريشن غضب للحق تحت ڪاررايُون ان وقت تائين جاري رهنديُون جيستائين گهربل مقصد مڪمل طور تي حاصل نٿا ٿي وڃن.











