صدر آصف علي زرداري پاران قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف ۽ قازقستان جي عوام کي آئيني ريفرنڊم جي ڪامياب انعقاد تي دلي مبارڪون

اسلام آباد –  16 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف ۽ قازقستان جي عوام کي آئيني ريفرنڊم جي ڪامياب انعقاد تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته عوام جي ڀرپور شرڪت ۽ ريفرنڊم جي حق ۾ وسيع حمايت ان ڳالهه جو مظهر آهي ته قازقستان جا شهري پنهنجي ملڪ …

اسلام آباد –  16 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف ۽ قازقستان جي عوام کي آئيني ريفرنڊم جي ڪامياب انعقاد تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته عوام جي ڀرپور شرڪت ۽ ريفرنڊم جي حق ۾ وسيع حمايت ان ڳالهه جو مظهر آهي ته قازقستان جا شهري پنهنجي ملڪ جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي تي اعتماد رکن ٿا. صدر آصف علي زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ان جا ثمر حاصل ٿين. صدر ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان قازقستان سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل احترام، امن ۽ ترقي جي گڏيل خواب ۽ تعميري تعاون جي روايت تي ٻڌل آهن.