پاڪ فوج جي آپريشن غضب للحق تحت فيصلائتين جوابي ڪارروائين ۾ باجوڙ سيڪٽر ۽ڪرم سيڪٽر ۾ افغان طالبان جون پوسٽون تباهه، ڪيترائي خوارجي مارجي ويا

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف آپريشن غضب للحق تحت فيصلائتين جوابي ڪارروائين ۾ باجوڙ سيڪٽر ۽ ڪرم سيڪٽر ۾ پاڪ افغان سرحد وٽ افغان طالبان جي پوسٽن کي مڪمل تباهه ڪيو ويو ۽ ڪيترائي خوارجي مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي فرار ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج ڀرپور ڪارروائي ڪندي باجوڙ سيڪٽر ۾ پاڪ افغان سرحد سان لاڳاپيل …

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف آپريشن غضب للحق تحت فيصلائتين جوابي ڪارروائين ۾ باجوڙ سيڪٽر ۽ ڪرم سيڪٽر ۾ پاڪ افغان سرحد وٽ افغان طالبان جي پوسٽن کي مڪمل تباهه ڪيو ويو ۽ ڪيترائي خوارجي مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي فرار ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج ڀرپور ڪارروائي ڪندي باجوڙ سيڪٽر ۾ پاڪ افغان سرحد سان لاڳاپيل افغان طالبان جي پوسٽن کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو، پاڪ فوج، پاڪ افغان سرحد تي گائيڊڊ ميزائل ذريعي به افغان طالبان جي پوسٽن کي نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق ڪرم سيڪٽر ۾ پاڪ فوج، افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي اهم ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، پاڪ فوج جي اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جون ڪيتريون ئي پوسٽون تباهه ٿي ويون، انهن ڪارروائين دوران ڪيترائي خوارجي مارجي ويا جڏهن ته باقي فرار ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن غضب للحق پنهنجا حدف حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو.