وفاقي گهرو وزير جي گوادر ۾ ڪوسٽ گارڊز تي حملي جي مذمت

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گوادر جي علائقي ۾ ڪوسٽ گارڊز جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ ڪوسٽ گارڊز جي اهلڪارن سليم ۽ عدنان کي سندن عظيم قرباني تي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي …

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گوادر جي علائقي ۾ ڪوسٽ گارڊز جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ ڪوسٽ گارڊز جي اهلڪارن سليم ۽ عدنان کي سندن عظيم قرباني تي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شهيد اهلڪارن جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن چيو ته ڪوسٽ گارڊز جي جوانن پنهنجي جان قربان ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻايو آهي، سندن اها قرباني رائيگان نه ويندي. هن واقعي ۾ زخمي ٿيل سپاهي عظيم لاءِ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته زخمي اهلڪار کي علاج جو بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.