اسلاموفوبيا جي وڌندڙ رجحان سان مقابلو ۽ مختلف مذھبن وچ ۾ ھم آھنگي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوشش جي ضرورت آھي: عالم سڳورا

راولپنڊي - 16 مارچ (اي پي پي) عالم سڳورن چيو آھي ته اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان سان مقابلو ۽ مختلف مذھبن وچ ۾ ھم آھنگي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ، ڳالهين ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آھي. ھنن اھا ڳالھه اسلاموفوبيا جي خاتمي جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ڳالھائيندي چئي. مذھبي اسڪالر مولانا سيد محمد صالح شاھه چيو ته اھو ڏھاڙو عالمي برادري کي اسلام بابت …

راولپنڊي – 16 مارچ (اي پي پي) عالم سڳورن چيو آھي ته اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان سان مقابلو ۽ مختلف مذھبن وچ ۾ ھم آھنگي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ، ڳالهين ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آھي. ھنن اھا ڳالھه اسلاموفوبيا جي خاتمي جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ڳالھائيندي چئي. مذھبي اسڪالر مولانا سيد محمد صالح شاھه چيو ته اھو ڏھاڙو عالمي برادري کي اسلام بابت تعصبن ۽ غلط فھمين جي خاتمي جي اھميت جي ياد ڏياري ٿو. ھن چيو ته اسلام امن، محبت ۽ انسانيت جي احترم جو درس ڏيڻ وارو مذھب آھي ۽ ان جي حقيقي پيغام کي تعليم ۽ ڳالهين ذريعي دنيا تائين پھچائڻ ضروري آھي. مشھور ديني عالم علامه ڪبير ھاروني چيو ته اسلاموفوبيا ھڪ سنگين عالمي مسئلو بڻجي چڪو آھي. ھن زور ڀريو ته ميڊيا، تعليمي ادارا ۽ سول سوسائٽي اسلام بابت ڦھلايل غلط معلومات جي خاتمي ۽ برداشت کي ھٿي ڏيڻ ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن. صاحبزاده حسن رضا چيو ته اسلام سمورن مذھبن کي مڃيندڙن سان احترام جو درس ڏئي ٿو، عالم ۽ ڪميونٽي گڏجي عالمي مذھبي ھم آھنگي کي ھٿي ڏئي مختلف ثقافتن وچ ۾ گڏيل سوچ سمجھه کي مضبوط بڻائين. ھن جو چوڻ ھو ته حضور نبي ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جون تعليمات پائيدار امن ۽ گڏيل احترام جي راهه ھموار ڪن.

مزید خبریں