اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم مصنوعات جي مقرر اگهن تي وڪرو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت عالمي سطح تي جاري ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي سطح تي ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ عوام کي ريليف …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پيٽروليم مصنوعات جي مقرر اگهن تي وڪرو يقيني بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم مصنوعات جي مقرر اگهن تي وڪرو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت عالمي سطح تي جاري ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي سطح تي ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم وارو وفالقي وزير علي پرويز ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تازي عالمي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان وڌيڪ قدمن تي پڻ مشاورت جاري آهي، حڪومت جي وقت سر فيصلن جي ڪري هن وقت ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جو مناسب مقدار موجود آهي. وزيراعظم چيو ته بدلجندڙ عالمي صورتحال جي ڏس ۾ ملڪ ۾ معاشي استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ وقت سر ٺاهيل ڪميٽي جي فيصلن جي ڪري عوام جي لاءِ تيل جي مسلسل فراهمي ممڪن ٿي. هن چيو ته قومي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ بچت جي لاءِ قدمن جو لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ وڌيڪ تي ڪم جاري آهي. ڪفايت شعاري ۽ بچت جي سمورن لاڳو قدمن تي عملدرآ۾د يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي هدايت اڳ ۾ ئي جاري ڪئي وئي آهي. هن معاشي استحڪام ۽ عوام جي لاءِ ريليف کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته سمورا قدم نه رڳو فوري ريليف پر ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام کي نظر ۾ رکندي کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي سطح تي جاري ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هن پيٽروليم مصنوعات جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي حڪومت جي مقرر اگهن تي تيل جو وڪرو يقيني بڻائڻ ۽ ان معاملي ۾ شفافيت برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و زيراعظم کي ملڪ ۾ موجود تيل جي ذخيرن، ٻارڻ جي گهرج پوري ڪرڻ جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي درآمدات ۽ عوام کي عالمي ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ ريليف ڏيڻ جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان حڪومت تيل جي مقرر قيمت تي وڪري جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي، تيل جي مسلسل فراهمي ۽ ان جي مقرر قيمت تي وڪري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪ ايپ ۾ صارفين جي لاءِ فيچر شامل ڪيو ويو آهي. هاڻي صارفين پاڪ ايپ جي ذريعي ملڪ ۾ ڪٿي به تيل جي عدم دستيابي يا مهانگي اگهن تي وڪري جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪري سگهن ٿا جنهن تي حڪومت پاران فوري قدم کنيا ويندا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن گذريل جمعي ڏينهن وزيراعظم پاران تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪرڻ جي فيصلي کي ساراهيو.











