افغانستان طرفان ڪيل حملن جو پاڪ فوج وقت سر ۽ اثرائتو جواب ڏنو آهي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته افغانستان طرفان ڪيل بنا جواز حملن جو پاڪ فوج وقت سر ۽ اثرائتو جواب ڏنو آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين جي هر انچ جي دفاع، تحفظ ۽ سلامتي جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گذريل رات – پاڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائي ۾ طالبان جي …

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته افغانستان طرفان ڪيل بنا جواز حملن جو پاڪ فوج وقت سر ۽ اثرائتو جواب ڏنو آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين جي هر انچ جي دفاع، تحفظ ۽ سلامتي جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گذريل رات – پاڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائي ۾ طالبان جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن، برگيڊ هيڊڪوارٽرز ۽ هٿيارن جا ڊيپو تباهه ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستاني فوج روايتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري جنگ ۾ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڪيو آهي. شيري رحمان چيو ته افغانستان جو ڀارت جي پراڪسي طور استعمال ٿيڻ خطي جي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار عارضي سهارو آهن جڏهن ته پرڏيهي سرپرستي جون به واضح حدون آهن. ڪابل ۾ موجوده حڪمت عملي کي مختصر مدي واري مفادن ۽ غلط اندازن جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي ۽ عالمي برادري افغانستان کي امڪاني دهشتگرد خطري جي روشني ۾ ڏسي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستاني فوجي، پائليٽس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي قربانين سان قوم محفوظ ۽ پرسڪون آهي، قوم پنهنجي محافظن جي جرئت ۽ فرض شناسي کي سلام پيش ڪري ٿي.

مزید خبریں