پاڪستان گورننس فورم جو قيام شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنگ ميل ٿابت ٿيندو: سردار اياز صادق

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان گورننس فورم جو قيام شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، جوابدهي جي عمل لاءِ بهتر گورننس تمام گهڻي اهميت واري آهي، گورننس جي شروعات هميشه گهر کان ٿيندي آهي ان لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ سينارٽي، فٽنيس ۽ ٽيسٽ جي نظام کي بهتر بڻايو ويو آهي. اهڙو اظهار هن رٿابندي ۽ ترقي …

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان گورننس فورم جو قيام شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، جوابدهي جي عمل لاءِ بهتر گورننس تمام گهڻي اهميت واري آهي، گورننس جي شروعات هميشه گهر کان ٿيندي آهي ان لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ سينارٽي، فٽنيس ۽ ٽيسٽ جي نظام کي بهتر بڻايو ويو آهي. اهڙو اظهار هن رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت جي انتظام هيٺ پاڪستان گورننس فورم 2026ع جي پلينري سيشن جنهن جو عنوان موثر طرز حڪمراني (گورننس) لاءِ پارليامينٽ جو استحڪام کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موثر حڪمراني جو بنياد مضبوط پارليامينٽ آهي ۽ پاڪستان کي بدلجندڙ عالمي صورتحال ۾ پنهنجي رياستي ۽ جمهوري ادارن کي مستحڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عالمي نظام تيزي تي سان بدلجي رهيو آهي، طاقت جا توازن تبديل ٿي رهيا آهن ۽ ٽيڪنالاجي حڪمراني جي روايتي ڍانچن کي نئين سر مقرر ڪري رهي آهي، اهڙين حالتن ۾ پاڪستان کي پنهنجي پارلياماني ۽ انتظامي صلاحيتن کي مضبوط ڪري چئلينجز جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ايمپلائيز (ترميمي) ايڪٽ 2026ع تحت انتظامي ۽مالي اختيارن کي شخصي صوابديد مان ڪڍي گهڻ رخي جماعتي فنانس ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن سان شَفافيت ۽ اجتماعي نگراني کي هٿي ملي. هن چيو ته هيومن ريسورس سڌارن ذريعي غير ضروري آسامين جو خاتمو، جديد مهارتن کي هٿي ۽ ڊجيٽل هيومن ريسورس مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم لاڳو ڪرڻ سان ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي، انهن سڌارن سان ساليانو اٽڪل 140 ملين روپين جي بچت ٿي جڏهن ته ڪيسن ۾ گهٽتائي سبب وڌيڪ مالي بچت به مڪن ٿي.  اسپيڪر ٻڌايو ته مالي نظم ۽ ضبط کي مضبوط ڪري انٽرنل آڊٽ ۽ عوامي مالياتي نظم ۽ ضبط جي قانون تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويو جنهن سان مالي سال 25-2024ع ۾ 3.172 ارب روپين جي مجموعي بچت ٿي. هن چيو ته آرگنيو گرام لاڳو ڪرڻ سان هڪ هٺي جي جاءِ تي پيشيوراڻو معيار آيو، وقت سر ترقين ذريعي شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل نظام قائم ٿيو جڏهن ته اهم ڪارڪردگي اهڃاڻ ۽ تربيتي پروگرامز سان سيڪريٽريٽ جي صلاحيت وڌيڪ بهتر بڻائي پئي وڃي. اي سيڪريٽريٽ لاڳو ڪرڻ سان فائلنگ، پروڪيورمنٽ، وزيٽر مينيجمينٽ ۽ سيڪيورٽي جا سمورا عمل اليڪٽرانڪ ٿي ويا آهن. اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي بجيٽ جو تفصيلي جائزو وٺي سفارشون پيش ڪيو جنهن سان بجيٽ پارلياماني دستاويز جي حيثيت اختيار ڪري ويو، پارلياماني نگراني آئيني ذميواري آهي ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فعال ڪارڪردگي سان واضح پيغام وڃي ٿو ته ڪو اختيار بنا نگراني جي ناهي. هن چيو ته عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ پائيدار ترقياتي هدفن بابت پارلياماني فورمز تان پاليسي سازي ۾ شموليت کي سگهه ڏني وئي آهي ۽ نوجوانن کي پروگرامز، انٽرنشپس ۽ عوامي رابطي جي قدمن ذريعي جمهوري عمل سان جوڙيو پيو وڃي، عالمي منظرنامي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته دنيا تبديلي جي مرحلي مان گذري رهي آهي، مصنوعي ذهانت معيشت ۽ سياست کي نئين شڪل ڏئي رهي آهي پر ضابطه جاتي ڍانچا پٺتي آهن ۽ اخلاقي سوال وڌي رهيا آهن، اسرندڙ ملڪن کي عالمي معيارن ۾ موثر آواز سان شامل ٿيڻ ضروري آهي ۽ پارليامينٽ کي ڊيٽا تحفظ ۽ ڊجيٽل حقن ۽ ذميواراڻي جدت بابت قانونسازي جي صلاحيت مضبوط ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ اڻ برابري وڌندي جڏهن ته دانشمنداڻي قانونسازي نوان موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي.

مزید خبریں