جديد ٽيڪنالاجي ذريعي انصاف واري نظام کي شفاف ۽ موثر بڻايو پيو وڃي: مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته حڪومت انصاف جي نظام ۾ جامع سڌارن لاءِ  جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کڻي رهي آهي ته جيئن عدالتي عمل کي وڌيڪ شفاف، موثر ۽ عوام دوست  بڻائي سگهجي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ منعقد پاڪستان گورننس فورم 2026ع کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته حڪومت قانوني ۽ عدالتي نظام ۾ ڊجيٽل سڌارن …

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته حڪومت انصاف جي نظام ۾ جامع سڌارن لاءِ  جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کڻي رهي آهي ته جيئن عدالتي عمل کي وڌيڪ شفاف، موثر ۽ عوام دوست  بڻائي سگهجي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ منعقد پاڪستان گورننس فورم 2026ع کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته حڪومت قانوني ۽ عدالتي نظام ۾ ڊجيٽل سڌارن ذريعي عوام کي وقت سر ۽ آسان انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪوڊ ذريعي قانونن تائين پهچ کي عام ڪيو ويو آهي جڏهن ته دستاويزي ۽ ذخيره جاتي نظام تحت 176 سالن تي ٻڌل قانونسازي جو رڪارڊ ڊجيٽل شڪل ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير چيو ته ڪيسن جي درجابندي، موثر انتظام ۽ ڪيس فلومينيجمينٽ سسٽم جي لاڳو سان عدالتي ڪارروائي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته عالمي ٽياڪڙي ۽ مصالحتي مرڪز قائم ڪرڻ سان تڪرارن جي متبادل حل جي نظام کي هٿي ملندي ۽ عدالتن تي بار ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته ڊجيٽل ثبوتن جي قبوليت ۽ وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي جهڙا سڌارا به متعارف ڪرايا ويا آهن جن جو مقصد عدالتي عمل کي تيز ۽ آسان بڻائڻ آهي. بئريسٽر عقيل ملڪ جو چوڻ هو ته اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف 16 سان هم آهنگ آهن ۽ حڪومت هڪ شفاف، جوابده ۽ عوام دوست انصاف واري نظام جي قيام لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں