اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) مارچ کان سيپٽمبر 2026ع دوران وڌندڙ گرمي پد سبب امڪاني گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ سبب ٻوڏ جي خطرن بابت ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب موسمياتي پيٽرن ۾ تبديلي ۽ اترين علائقن ۾ امڪاني شروعاتي هيٽ ويو سبب مارچ کان جون گرمي پد …
اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر پاران مارچ ۽ سيپٽمبر دوران گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ سبب ٻوڏ جي خطرن بابت ايڊوائيزري جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) مارچ کان سيپٽمبر 2026ع دوران وڌندڙ گرمي پد سبب امڪاني گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ سبب ٻوڏ جي خطرن بابت ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب موسمياتي پيٽرن ۾ تبديلي ۽ اترين علائقن ۾ امڪاني شروعاتي هيٽ ويو سبب مارچ کان جون گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو متوقع آهي، جنهن سان برف ۽ گليشيئر تيزي سان پگهرجي سگهن ٿا. ان صورتحال جي نتيجي ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ جا واقعا رونما ٿي سگهن ٿا، جيڪي هيٺائين علائقن ۾ اوچتو ٻوڏ جو سبب بڻجي آبادين، گهرن، زرعي زمين، بنيادي ڍانچي ۽ مواصلاتي نظام کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، جڏهن ته انساني جانين کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته گلگت بلتستان جي احمد آباد، فيض آباد، مجاور سميت ڪيترائي علائقي امڪاني طور تي متاثر ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح خيبرپختونخوا جا ريشون، ڪمراٽ، يارخن ويلي ۽ ٻين علائقن ۾ به گليشيائي ڍنڍن سبب ٻوڏ واري صورتحال جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي عوام تي زور ڀريو ته هو موسم بابت مستند معلومات تي رنظر کي، دريائن ۽ گليشيائي ندي نالن جي ويجهو غير ضروري چرپر کان پاسو ڪن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ مقامي انتظاميه جي هدايتن تي فوري عمل ڪري. وقت سر معلومات ۽ الرٽس لاءِ شهري پاڪ اين ڊي ايم اي ڊزاسٽر الرٽ موبائيل ايپ ۽ سرڪاري پليٽ فارمز کان رهنمائي حاصل ڪن.











