پاڪستان ۾ نياڻين جي تعليمي ترقي جي نئين رپورٽ جاري، پرائمري مڪمل ڪندڙ شاگردياڻين جي شرح 89 سيڪڙو تائين پهچي وئي

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي نياڻين جي تعليم جي حوالي سان اسٽيٽڪس اينڊ ٽرينڊز رپورٽ 24-2023ع جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب 96 سيڪڙو اسڪولن ۾ پختيون عمارتون، 92 سيڪڙو ۾ بيت الخلا ۽ 82 سيڪڙو ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب آهي. غذائي کوٽ سبب ٻارن جي قد ۽ وزن ۾ گهٽتائي جهڙا چئلينجز سامهون آيا آهن. پرائمري، مڪمل ڪندڙ ڇوڪرين …

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي نياڻين جي تعليم جي حوالي سان اسٽيٽڪس اينڊ ٽرينڊز رپورٽ 24-2023ع جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب 96 سيڪڙو اسڪولن ۾ پختيون عمارتون، 92 سيڪڙو ۾ بيت الخلا ۽ 82 سيڪڙو ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب آهي. غذائي کوٽ سبب ٻارن جي قد ۽ وزن ۾ گهٽتائي جهڙا چئلينجز سامهون آيا آهن. پرائمري، مڪمل ڪندڙ ڇوڪرين جي شرح 75 سيڪڙو مان وڌي 89 سيڪڙو ٿي وئي، هر سال ڇوڪرين جي تعليم ۾ سهولتن ۽ انفرا اسٽرڪچر ۾ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي. گذريل ڏينهن پي آءِ اي ۾ گرلز ايجوڪيشن اسٽيٽڪس اينڊ ٽرينڊز رپورٽ 24-2023ع جاري ڪرڻ جي تقريب منعقد ٿي. اها رپورٽ پي آءِ اي، ملاله فنڊ، پي اي جي اي ۽ وفاقي تعليم واري وزارت جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي. تعليم واري وفاقي وزير  خالد مقبول صديقي رپورٽ جي نتيجن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان انگ اکر سامهون آيا آهن، اهي اسان جي پاليسي سازي جا بنياد بڻجندا. هن چيو ته جيستائين اسان وٽ درست انگ اکر نه هوندا، مسئلن جو حل ممڪن ناهي، دنيا جي تاريخ گواه آهي ته ڪو به ملڪ اڪيلو ترقي نٿو ڪري، پر سڄو خطو گڌجي اڳتي وڌي سگهي ٿو. اسان کي به انگن اکرن کانپوءِ هاڻي عملي قدمن طرف وڌڻو پوندو ڇاڪاڻ ته دنيا انهي ذريعي ڪامياب پاليسيون جوڙيون آهن. هن چيو ته نياڻين جي تعليم کان ”ڊراپ آئوٽ“ ٿيڻ جو رستو صرف اسان پنهنجي روين کي تبديل ۽ پنهنجي دماغن کي وسيع ڪري ئي روڪي سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ 14 ڪروڙ نوجوان آهن، اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان ان يوٿ کي بار سمجهي رهيا آهيون يا کين موقعا فراهم ڪري پنهنجو اثاثو بڻائي رهيا آهن. اسان کي جهالت خلاف جهاد پنهنجي گهرن کان شروع ڪرڻو پوندو، رياست جنهن نياڻي جي هٿ ۾ ڊگري يا هنر ڏيندي آهي، ان جو حق آهي ته ان کي اڳتي وڌڻ ڏنو وڃي. والدين پنهنجي ڌيئرن کي گهريلو ذميواريون ضرور ڏين، پر کين پنهنجي پيشيوراڻيون خدمتون جاري رکڻ جي جازت به ڏيڻ گهرجي. هنرمند عورتن کي گهرن تائين محدود رکڻ انساني سرمائي جو زيان آهي، وفاقي وزير پڄاڻي تي چيو ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان سنجيده قدم هاڻي وقت جي اهم ترين ضرورت بڻجي چڪا آهن ۽ حڪومت ان ڏس ۾ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي. مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو ته ان رپورٽ جي مُک نڪتن تي روشني وجهندي ٻڌايو ته اسان کي هڪ ايڪشن پلان جوڙڻو آهي، ان ۾ سامهون ايندڙ ڪاميابيون ۽ چئلينج ٻئي اسان لاءِ هڪ نئين راهه متعين ڪندا، ڊي جي پي آءِ  اي ڊاڪٽر محمد شاهد سرويا چيو ته پاڪستان جون نياڻيون تعليمي ميدان ۾ پنهنجي غير معمولي صلاحيتون مڃرائي رهيون آهن. نيشنل اچيومينٽ ٽيسٽ جا نتيجا ثابت ڪن ٿا ته جيڪڏهن نياڻين کي سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي ته اهي هر شعبي ۾ ڇوڪرن کان بهتر نتيجا ڏئي سگهن ٿا.

مزید خبریں