اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فتنه الخوارج خلاف آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جي اڳواڻي ڪندي شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد جي گهر مانسهره پهچي سندس خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد جي امڙ، زال ۽ ٻارن سان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد جي گهر آمد، تعزيت جو اظهار، قبر تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي

مزید خبریں
اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فتنه الخوارج خلاف آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جي اڳواڻي ڪندي شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد جي گهر مانسهره پهچي سندس خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد جي امڙ، زال ۽ ٻارن سان مُلاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد جي قبر تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني به ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد جي درجن جي بلندي ۽ سندس خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد مُلڪ جي حفاظت خاطر شهادت ماڻي، هن همٿ ۽ بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، شهيد جي خاندان جو حڪومت ۽ پاڪ فوج مڪمل خيال رکندي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مانسهره ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد جي نالي تي دانش اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام، سردار محمد يوسف، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ڪيپٽن (ر) محمد صفدر، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ شاه جي گل آفريدي به وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ هئا.











