صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 2 مارچ تي گهرائڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 2 مارچ تي گهرائڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس هر پارلياماني سال شروع ٿيڻ تي گهرايو وڃي ٿو. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 2 مارچ 2026ع تي ٻنپهرن جو 3 وڳي ٿيندو. صدر آصف علي زرداري بطور پاڪستان جي صدر پارليامينٽ جي …

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 2 مارچ تي گهرائڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس هر پارلياماني سال شروع ٿيڻ تي گهرايو وڃي ٿو. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 2 مارچ 2026ع تي ٻنپهرن جو 3 وڳي ٿيندو. صدر آصف علي زرداري بطور پاڪستان جي صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي نائون ڀيرو خطاب ڪندو. صدر جي خطاب ۾ قومي ترجيحن، جمهوري استحڪام، آئين جي بالادستي، پائيدار معاشي ترقي، خطي ۽ دنيا جي صورتحال، دهشتگردي جي خلاف قومي عزم ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو احاطو ڪيو ويندو.

مزید خبریں