اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد پاڪستان گورننس فورم 2026ع کي خطاب ڪيو ۽ سبسڊي جي اسٽريٽجي طرفان سڌارن ذريعي چٽاڀيٽي جي فراهمي جي عنوان سان منعقد سيشن جي صدارت ڪئي. فورم جو افتتاح وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيو جنهن گورننس ۾ بهتري، ساختي سڌارن ۽ پائيدار معاشي ترقي جي حڪومتي عزم …
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي پاڪستان گورننس فورم ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد پاڪستان گورننس فورم 2026ع کي خطاب ڪيو ۽ سبسڊي جي اسٽريٽجي طرفان سڌارن ذريعي چٽاڀيٽي جي فراهمي جي عنوان سان منعقد سيشن جي صدارت ڪئي. فورم جو افتتاح وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيو جنهن گورننس ۾ بهتري، ساختي سڌارن ۽ پائيدار معاشي ترقي جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان سبسڊي تي ٻڌل ماڊل مان نڪري اسٽريٽجي ۽ چٽاڀيٽي تي ٻڌل معيشت طرف وڌي رهيو آهي، جتي ايڪسپورٽ ليڊ گروٿ ۽ ويليو ايڊڊ روانگي واپار کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته ننڍي مدي واري استحڪام کان اڳتي وڌي ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار ترقي لاءِ سڌارا اڻٽر آهن. هن چيو ته ريگوليٽري وضاحت، مستقبل ۽ اداره جاتي هم آهنگي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. ريگوليٽري سڌارن بابت ڪابينا ڪميٽي تحت ڪيترائي جامع سڌارا پيڪيجز متعارف ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته سوين سڌارا مختلف مرحلن ۾ آهن، جن جو مقصد ڪاروباري رڪاوٽن جو خاتمو ۽ قانونن کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته ايس ايم ايز معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن ۽ انهن کي آسان قانونن، بهترين پهچ ۽ ايڪسپورٽ ويليو چين ۾ شموليت جا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي. هن ڪاروباري برادري جي سهولتڪاري تي زور ڀريندي لاڳاپيل ادارن کي مددگار ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن بزنس فيسليٽيشن سينٽر ماڊل کي سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو سهولت قرار ڏنو، جيڪو منظورين جي عمل کي جامع ۽ تيز بڻائي ٿو. هن رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ رٿابندي واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اڏام پاڪستان جهڙن قدمن کي مستقبل جي ترقي ۽ بهتر گورننس لاءِ اهم قرار ڏنو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ ريگوليٽري سڌارا، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ ايڪسپورٽ ليڊ گروٿ ذريعي پاڪستان کي پائيدار معاشي ترقي جي راهه تي گامزن رکڻ لاءِ پرعزم آهي.











