اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن جي ڀرپور واکاڻ ڪئي آهي، جنهن ۾ فتنه الخوارج جي 34 دهشتگردن کي ماريو ويو. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري خوارجين جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. محسن نقوي جو وڌيڪ …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ فورسز جي وڏي ڪارروائي ۽ 34 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن جي ڀرپور واکاڻ ڪئي آهي، جنهن ۾ فتنه الخوارج جي 34 دهشتگردن کي ماريو ويو. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري خوارجين جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. محسن نقوي جو وڌيڪ چوڻ هو ته 34 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي، سڄي قوم دهشتگردن خلاف ان جنگ ۾ پنهنجي فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن ورجاءُ ڪيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ فورسز جي عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهجي.











