اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) خيبرپختونخو جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت ۾ ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، وفاق ۽ صوبي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران قانوني سڌارن ۽ عوام کي فوري …
خيبرپختونخو جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) خيبرپختونخو جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت ۾ ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، وفاق ۽ صوبي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران قانوني سڌارن ۽ عوام کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيبرپختونخوا جي گورنر وفاقي وزير سان ڏکڻ ضلعن جي وڪيلن جي پيشيوراڻي تربيت ڪورسز ۽ ڊي آءِ خان، ٽانڪ سميت ڏکڻ ضلعن جي بارز لاءِ گرانٽ جي بنارنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. گورنر جو چوڻ هو ته ڏکڻ ضلعن جي نامناسب حالتن ۾ اتي جي وڪيل برادري جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. گورنر چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مضبوط هم آهنگي سان نه رڳو آئيني گهرجون بهتر انداز ۾ پوريون ڪري سگهجن ٿيون پر عوامي مسئلن جي حل ۾ به تيزي آڻي سگهجي ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير، خيبرپختونخوا جي گورنر کي خاطري ڪرائي ته قانون واري وزارت صوبي کي گهربل قانوني مدد ۽ رهنمائي فراهم ڪندي رهندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ اداره جاتي هم آهنگي تي يقين رکي ٿي.











