اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان ۾ مقرر ترڪمانستان جي سفير اتاد جان موولاموف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل قدرن، تاريخ، ثقافت ۽ مذهبي هم آهنگي تي ٻڌل آهن. هن گذريل سال مئي ۾ ترڪمانستان جي پنهنجي سرڪاري دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته دوري دوران …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران ترڪمانستان سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي تعاون ۾ سگهه ڏيڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان ۾ مقرر ترڪمانستان جي سفير اتاد جان موولاموف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل قدرن، تاريخ، ثقافت ۽ مذهبي هم آهنگي تي ٻڌل آهن. هن گذريل سال مئي ۾ ترڪمانستان جي پنهنجي سرڪاري دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته دوري دوران هن ترڪمان قيادت خاص ڪري صدر سردار بردي محمدوف سان اهم ملاقاتون ڪيون جنهن سان ٻطرفي تعاون جا نوان امڪان روشن ٿيا ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ملي. سينيٽ چيئرمين ٻطرفن لاڳاپن جي تاريخ جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان انهن شروعاتي ملڪن ۾ شامل هو جنهن 1991ع ۾ ترڪمانستان جي آزادي کي تسليم ڪيو جڏهن ته مئي 1992ع ۾ سفارتي لاڳاپا باضابطه طور تي قائم ٿيا. هن ترڪمانستان جي مستقل غيرجانبداري جي پاليسي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ترڪمانستان جي غير جانبداري بابت قرارداد جي گڏيل سرپرستي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي به اجاگر ڪيو. هن تازي اعليٰ سطحي رابطي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم جي ترڪمانستان جي دورن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. ڊسمبر 2025ع ۾ وزيراعظم پاڪستان گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ انٽرنيشنل فورم آف پيس اينڊ ٽرسٽ ۾ شرڪت ڪئي جيڪا ترڪمانستان جي غيرجانبداري جي 30 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم ۽ صدر سرادر بردي محمدوف وچ ۾ اهم ٻطرفي ملاقات ٿي جنهن ۾ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. سينيٽ چيئرمين ترڪمانستان جي صدر کي 2026ع ۾ پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني. سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته تجويز ڪيل دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيندو. سينيٽ چيئرمين ترڪمانستان کي پاڪستان لاءِ هڪ اهم اسٽريٽجڪ حصيدار قرار ڏيندي توانائي، ايل پي جي، واپار، ٻطرفي هوائي سفر ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ، ريلوي رابطن ۽ ترڪمانستان- پاڪستان (تاپي) گئس پائيپ لائين منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن سفير کي اسپيشل انويسٽمينٽ فسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي قيام کان به آگاهه ڪيو جيڪو ون وڊو سهولت ذريعي سيڙپڪاري کي آسان بڻائي ٿي ۽ ترڪمانستان کي آءِ ٽي، انفرااسٽرڪچر، فارماسيوٽيڪل ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڀريندي سينيٽ چيئرمين اسلام آباد ۾ منعقد پهرين انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جو ذڪر ڪيو جنهن جو موضوع امن، سلامتي ۽ ترقي هو. هن چيو ته اهي موضوع اڄ جي عالمي حالتن ۾ نمايان اهميت رکن ٿا. هن ترڪمانستان جي ملي مجلس جي اسپيڪر جي دعوت تي پنهنجي دوري کي ياد ڪندي ترڪمانستان جي صدر ۽ ملي مجلس جي اسپيڪر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ آئنده آءِ ايس سي ۾ شرڪت جي به دعوت ڏني جيڪا ڪمبوڊيا ۾ منعقد ٿيندي.ترڪمانستان جي سفير پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ پارلياماني شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن توانائي، ريلوي رابطا، ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ علائقائي رابطاڪاري خاص ڪري گوادر پورٽ جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ عملي ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن صدر سرادر بردي محمدوف ۽ ملي مجلس جي اسپيڪر لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي ان جي متوقع پاڪستان جي دوري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











