روم-25 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ سندس اطالوي هم منصب ميٽيو پيٽني ڊوسي وچ ۾ روم ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون ۽ قانوني لڏپلاڻ کي هٿي ڏيڻ تي وڏا فيصلا ڪيا ويا. ملاقات دوران اطالوي گهرو وزير اعلان ڪيو ته قانوني مائيگريشن کي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي اسڪلڊ ميڊيا ورڪ فورس لاءِ 10 هزار 500 ورڪ ويزا جاري ڪيا …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي اطالوي هم منصب سان ملاقات

مزید خبریں
روم-25 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ سندس اطالوي هم منصب ميٽيو پيٽني ڊوسي وچ ۾ روم ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون ۽ قانوني لڏپلاڻ کي هٿي ڏيڻ تي وڏا فيصلا ڪيا ويا. ملاقات دوران اطالوي گهرو وزير اعلان ڪيو ته قانوني مائيگريشن کي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي اسڪلڊ ميڊيا ورڪ فورس لاءِ 10 هزار 500 ورڪ ويزا جاري ڪيا ويندا. گهرو وزير محسن نقوي جي پراڻي مطالبي تي اٽلي پاڪستاني ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ هولڊرز کي ويزا کان ڇوٽ ڏيڻ جي به باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي. محسن نقوي اٽلي کي غير قانوني اميگريشن روڪڻ لاءِ پاڪستان جي سخت قدمن ۽ ايئرپورٽس ۽ سامونڊي حدن ۾ سخت نگراني کان آگاهه ڪيو، جنهن کي اطالوي عملدارن ساراهيو. ملاقات ۾ پنجاب پوليس جي آفيسرن، پوليس خدمت مرڪزن گلوبل جي فائدن تي بريفنگ ڏني، جنهن کي بي حد پسند ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪستاني سفير علي جاويد، ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا.











