ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ڊي جي فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن ميجر جنرل عبدالسميع جي ٽيم سميت ملاقات

اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عبدالسميع پنهنجي ٽيم سميت اهم ملاقات ڪئي. جنهن ۾ پاڪستان ريلويز ۾ جدت آڻڻ لاءِ انقلابي قدمن تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ايف ڊبليو او جي تعاون سان جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ريلوي جي ڊجيٽلائيزيشن جي پهرين …

اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عبدالسميع پنهنجي ٽيم سميت اهم ملاقات ڪئي. جنهن ۾ پاڪستان ريلويز ۾ جدت آڻڻ لاءِ انقلابي قدمن تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ايف ڊبليو او جي تعاون سان جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ريلوي جي ڊجيٽلائيزيشن جي پهرين مرحلي ۾ 13 اهم منصوبا شامل آهن، جن جو مقصد پوري نظام کي جديد ٽيڪنالاجي جي رُخن تي هموار ڪرڻ آهي. ٽرين آپريشنز جي موثر نگراني لاءِ ريلوي ٽريڪنگ سسٽم ۽ جي پي ايس متعارف ڪرائڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. ان سسٽم ذريعي ٽرينن جي اچ وڃ جي لائيو مانيٽرنگ ممڪن ٿيندي. لاهور ۾ هڪ مرڪزي ڪنٽرول روم ۽ سمورين ايڇ آر ڊويزنن ۾ ذيلي ڪنٽرول رومز جي قيام جي منظوري تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهن اسٽيشنن تي مسافرن لاءِ مفت واءِ فاءِ جي فراهمي، لوڪو موٽو چيڪ پوائنٽس جو قيام ۽ جديد سيڪيورٽي ڪئميرائون لڳائڻ شامل آهن. ملاقات ۾ اسٽريٽجڪ اهميت واري ايم ايل -3 منصوبي جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. ٿرڪول منصوبي ذريعي ريلوي نيٽ ورڪ کي مستحڪم بڻائڻ ۽ توانائي جي موثر استعمال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته جيئن ريلوي جي ٻارڻ جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. وفاقي وزير حنيف عباسي چيو ته جديد ڊيٽا سينٽر جي قيام سان ريلوي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ مسافرن کي عالمي معيار جي سهولت ميسر ٿيندي.

مزید خبریں