اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته اڏام پاڪستان اصل ۾ اي - پاڪستان ويزن جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن ذريعي ملڪ کي مڪمل طور تي ڊجيٽل معيشت طرف منتقل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان فورم 2026ع جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيش ليس اڪانومي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بنيادي ويزن آهي …
اڏام پاڪستان اصل ۾ اي – پاڪستان ويزن جو هڪ اهم حصو آهي: وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته اڏام پاڪستان اصل ۾ اي – پاڪستان ويزن جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن ذريعي ملڪ کي مڪمل طور تي ڊجيٽل معيشت طرف منتقل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان فورم 2026ع جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيش ليس اڪانومي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بنيادي ويزن آهي ۽ حڪومت تيزي سان ڊجيٽل پاڪستان جي منزل طرف گامزن آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل سال ڪيش ليس رمضان بازار جو ڪامياب افتتاح ڪيو ويو هو، جيڪو ڊجيٽل ادائيگين کي هٿي وٺرائڻ طرف اهم قدم هو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي انساني زندگي ۾ بي پناهه آسانيون پيدا ڪيون آهن ۽ موجوده دور ۾ ٽيڪنالاجي کانسواءِ ترقي جو تصور ممڪن ناهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم، 10 لک ٻارن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، جڏهن ته آءِ ٽي سيڪٽر ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو به اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته سڄي ملڪ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ آرٽيفيشل ايٽليجنس جي ڪلاسن جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو آهي ته جئين نوجوان نسل کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪري سگهجي.











