اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به ٻاڙائي جو رجحان برقرار

اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينھن مسلسل ٽئين ڏينهن به ٻاڙائي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1632.25 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 164626.29 پوائنٽس تي بند ٿيو، مارڪيٽ ۾ 567 ڪمپينن جي 619.62 ملين شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي، جنهن جي ماليت 29.25 ارب رپيا هئي، 143 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 278 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ …

اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينھن مسلسل ٽئين ڏينهن به ٻاڙائي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1632.25 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 164626.29 پوائنٽس تي بند ٿيو، مارڪيٽ ۾ 567 ڪمپينن جي 619.62 ملين شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي، جنهن جي ماليت 29.25 ارب رپيا هئي، 143 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 278 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 146 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 575.34 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 50342.53 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 3757.34 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 229014.42 پوائنٽس تي بند ٿيو، فيوچر ٽريڊنگ تحت 23.87 ارب رپين جي ڏيتي ليتي ٿي، گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي 99786190 شيئرز، سينر جيڪو پاڪستان لميٽيڊ 70330560 شيئرز ۽ فرسٽ نيشنل ايڪويٽيز لميٽيڊ جي 33421278 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ميڊيا ٽائمنر لميٽيڊ، چناب لميٽيڊ ۽ ايٽ ناز ٽيڪنالاجيز لميٽيڊ سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.

مزید خبریں