ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي اثرائتو عملدرآمد ضروري آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير محمد اورنگزيب آبادي جي انتظامن، ترتيب ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن شعبن ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي اثرائتي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پاليسي سازي ۽ منصوبن تي عملدرآمد ۾ هم آهنگي لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مضبوط رابطا اڻٽر آهن. هن اها ڳالهه هتي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ …

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير محمد اورنگزيب آبادي جي انتظامن، ترتيب ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن شعبن ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي اثرائتي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پاليسي سازي ۽ منصوبن تي عملدرآمد ۾ هم آهنگي لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مضبوط رابطا اڻٽر آهن. هن اها ڳالهه هتي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آما گابازار سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان حڪومت  جي اهم سڌاراتي ترجيحن کي اڳيان وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ڳالهين ۾ آبادي ۽ انساني ترقي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي، زرعي شعبي م سڌارا، توانائي جي شعبي جي بهتري ۽ جاري منصوبن جي مجموعي ڪارڪردگي جهڙا اهم معاملا شامل هئا. ناڻي واري وزير  خاص طور تي آبادي جي نظم و نسق ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن شعبن م ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي اثرائتي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاليسي سازي ۽ منصوبن تي عملدرآمد ۾ هم آهنگي لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ م مضبوط رابطا اڻٽر آهن. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن وڌيڪ عملدرآمد صوبائي سطح تي ٿئي ٿو ته لاڳاپيل وفاقي وزارتن جي منصوبه بندي، نگراني ۽ جائزي جي عمل ۾ مڪمل شموليت ضروري آهي ته جيئن قومي سطح تي روانگي ۽ ذميواري کي يقيني بڻائي سگهجي. ملاقات ۾ ٻنهي پاسن کان اداره جاتي رابطن کي بهتر بڻائڻ، منصوبن جي تياري، هدفن جي تعين ۾ شفافيت وڌائڻ ۽  موثر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ نگراني جي نظام کي مضبوط بڻائن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر وفاقي ۽ صوبائي شراڪتدارن سان ويجها رابطا جاري رکڻ ۽ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ زرعي شعبي ۾ اڳڀرائي جو جائزو به ورتو ويو. جنهن ۾ پيداوار وڌائڻ، زرعي ويليو چين کي مضبوط بڻائڻ، مالي وسيلن تائين پهچ ۽ نجي شعبي جي شموليت جهڙن معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ناڻي واري وزير پائيدار ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ صوبائي قدمن کي قومي سڌاراتي حڪمت عملي سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. عالمي بئنڪ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن سميت لاڳاپيل ادارن سان گڏجي زرعي سڌارن ۾ تعاون جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ مالي استحڪام سان لاڳاپيل معاملا به غور هيٺ آيا. جن ۾ شعبي جي ڊگهي مدي واري بهتري لاءِ  مختلف آپشنز تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي سڌارن واري ايجنڊا ۽ مالياتي فريم ورڪ موجب عمل جوڳو حل تلاش ڪرڻ لاءِ فني سطح تي مشاورت جاري رکي ويندي. ڪنٽري ڊائريڪٽر ناڻي واري وزير کي جاري ترقياتي منصوبن ۽ مجموعي پورٽ فوليو جي ڪارڪردگي کان به آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي معاشي بهتري، موسمياتي مزاحمت ۽ انساني ترقي جي هدفن لاءِ عالمي بئنڪ جي مسلسل تعاون جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جي تعاون جي تعريف ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ڍانچا جاتي سڌارن کي اڳيان وڌائڻ، گورننس جي نظام کي بهتر بنائڻ ۽ ترقياتي پروگرامن جا ثمر عوام تائين موثر ۽ پائيدار انداز ۾ پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں