سينيٽ چيئرمين پاران پوليس وين تي حملي ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ اسڪول کي بارودي مواد سان اڏائڻ واري افسوسناڪ واقعي جي مذمت

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪوهاٽ جي علائقي لاچي ۾ پوليس وين تي ٿيل بزدلاڻي دهشتگرد حملي ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ اسڪول کي بارودي مواد سان اڏائڻ واري افسوسناڪ واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين ڪوهاٽ ۾ ٿيل حملي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي لاچي اسد محمود، پوليس اهلڪارن ۽ هڪ شهري جي شهادت تي گهري …

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪوهاٽ جي علائقي لاچي ۾ پوليس وين تي ٿيل بزدلاڻي دهشتگرد حملي ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ اسڪول کي بارودي مواد سان اڏائڻ واري افسوسناڪ واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين ڪوهاٽ ۾ ٿيل حملي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي لاچي اسد محمود، پوليس اهلڪارن ۽ هڪ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونرئن جي صبر لاءِ دعا ڪندي چيو ته پوري قوم ان افسوسناڪ  سانحي تي ڏکويل آهي ۽ متاثر خاندانن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن.  ڊي ايس پي اسد محمود ۽ ٻين اهلڪارن وطن خاطر پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪندي بهادري ۽ فرض شناسي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. پوري قوم پنهنجي انهن بهادرن کي سلام پيش ڪري ٿي. سينيٽ چيئرمين ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروائيون  قوم جا حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اها جدوجهد پوري قوت سان جاري رهندي ۽ رياست هر سطح تي ان ناسور خلاف اثرائتا قدم جاري رکندي. ڏکڻ وزيرستان ۾ تعليمي ادارن کي نشانو بڻائڻ واري واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته تعليم دشمن عنصر ملڪ جي مستقبل کي اونداهون ڪرڻ گهرن ٿا، پر قوم ۽ رياست انهن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. تعليمي ادارن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. سينيٽ چيئرمين حملن ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل اختيارين يک هدايت ڪئي ته زخمين  کي بهترين طبي سهولتون فوري طور تي فراهم ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته رياست شهيدن جي قربانين کي هميشه قدر جي نگاه سان ڏسندي ۽ انهن جي پونئرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.

مزید خبریں