قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪوهاٽ ۾ پوليس موبائيل تي فتنه الخوارج جي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪوهاٽ ۾ شڪر دره روڊ  تي پوليس موبائيل تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي حملي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي اسد محمود خان سميت 7 ماڻهن جي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن شهيد ڊي ايس پي اسد محمود خان، سب انسپيڪٽر …

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪوهاٽ ۾ شڪر دره روڊ  تي پوليس موبائيل تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي حملي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي اسد محمود خان سميت 7 ماڻهن جي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن شهيد ڊي ايس پي اسد محمود خان، سب انسپيڪٽر انار گل، هيڊ ڪانسٽيبل وهاب علي، ڪانسٽيبل مدثر ۽ ڪانسٽيبل سيد عمار عباس کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوري قوم شهيدن جي ڪٽنبن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. دهشتگردن جو مقابلو ڪندي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيد اهلڪار اسان جو فخر آهن، پوليس موبائيل کي نشانو بڻائڻ دهشتگردي ۽ بزدلاڻي ڪارروائي آهي، دهشتگرد عنصرن جو اسلام، پاڪستان ۽ انسانيت سان ڪو به تعلق ناهي، اسان جو مذهب ڪنهن بي گناهه جي قتل جي اجازت نه ٿو ڏئي. اسپيڪر دهشتگرد حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر پوليس اهلڪارن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. اسان جي شهيدن جو رت ضايع نه ويندو. دهشتگردي جي ناسور جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پوري قوم ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو عزم پختو آهي. ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام تائين دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون. اسپيڪر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنبن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں