اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سنڌ جي تعليم کاتي ۾ عورت اميدوار رابيل ڀٽو جي استاد طور مقرري جي معاملي جي ٻڌڻي ڪندي ڪيس ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمينٽ ڪميٽي کي غور لاءِ موڪلي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جسٽس روزي خان رمارڪس ڏنا ته اها ڪانٽريڪٽ جي نوڪري هئي ۽ ان معاملي کي پندره سال گذري چڪا آهن، هاڻي اها به خبر ناهي ته لاڳاپيل پراجيڪٽ هلي رهيو آهي …
وفاقي آئيني عدالت سنڌ ۾ عورت اميدوار رابيل ڀٽو جي مقرري جو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سنڌ جي تعليم کاتي ۾ عورت اميدوار رابيل ڀٽو جي استاد طور مقرري جي معاملي جي ٻڌڻي ڪندي ڪيس ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمينٽ ڪميٽي کي غور لاءِ موڪلي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جسٽس روزي خان رمارڪس ڏنا ته اها ڪانٽريڪٽ جي نوڪري هئي ۽ ان معاملي کي پندره سال گذري چڪا آهن، هاڻي اها به خبر ناهي ته لاڳاپيل پراجيڪٽ هلي رهيو آهي يا نه، درخواست گذار پاران وڪيل صلاح الدين موقف اختيار ڪيو ته سندس مؤڪل کي ميرٽ باوجود نوڪري کان محروم رکيو ويو. هن عدالت کي ٻڌايو ته ڪانٽريڪٽ واري ٽيچر جي مقرري جو پراجيڪٽ اڃاتائين جاري آهي ۽ سندس مؤڪل گذريل 16 سال کان انصاف لاءِ ڪيس وڙهي رهي آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اهو ڪانٽريڪٽ جاب هو ۽ پروجيڪٽ هاڻي به موجود آهي ته اميدوار جي نالي تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته استادن جون آساميون خالي ٿينديون رهن ٿيون ۽ سنڌ جي اسڪولن جي حالت سڀني سامهون آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه هنڌن تي ته پگهار کڻندڙ استاد به موجود هوندا آهن. عدالت سمورا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عورت ٽيچر جي مقرري جو معاملو غور لاءِ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمينٽ ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو.











