سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي ايم ڊي بابت عملدآمد ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي وي جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر  عطاالحق قاسمي بابت عملدآمد ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران عطاالحق قاسمي ۽ فواد حسن فواد پاران وڪيل ڪاشف ملڪ پيش ٿيو. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو اصل فيصلو نظرثاني ۾ ختم ٿي چڪو آهي. ان تي جسٽس نعيم اختر افغان …

اسلام آباد -25 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي وي جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر  عطاالحق قاسمي بابت عملدآمد ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران عطاالحق قاسمي ۽ فواد حسن فواد پاران وڪيل ڪاشف ملڪ پيش ٿيو. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو اصل فيصلو نظرثاني ۾ ختم ٿي چڪو آهي. ان تي جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته نظرثاني منظور ٿيڻ بابت عدالت کي علم ناهي. هن چيو ته اوهان تي مڪمل اعتماد اهي پر فيصلي جي ڪاپي عدالت کي فراهم ڪرڻ گهرجي. جسٽس نعيم اختر افغان پڇاڻو ڪيو ته اها نظرثاني ڪهڙي بئنچ منظور ڪئي؟ وڪيل جواب ڏنو ته عالباً اهو فيصلو اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو اهي. عدالت قرار ڏنو ته اه معاملي ۾ اٽارني جنرل کي طلب ڪيو وڃي. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل کان پڇي ٿا وٺون ته ڪيس کي اڳيان هلائڻو اهي يا نه. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں