وزيراعظم شهباز شريف جي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقات، مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن ۽ سياسي، اقتصادي ۽ اداراجاتي رابطن ۾ وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار

دوحه - 24 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن ۽ سياسي، اقتصادي ۽ اداراجاتي رابطن ۾ وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، ليبر ۽ افرادي قوت ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس کي اهم قرار ڏنو آهي. ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي.  وزيراعظم محمد شهباز …

دوحه – 24 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن ۽ سياسي، اقتصادي ۽ اداراجاتي رابطن ۾ وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، ليبر ۽ افرادي قوت ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس کي اهم قرار ڏنو آهي. ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي.  وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه جي سرڪاري دوري دوران قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ سياسي، اقتصادي ۽ اداراجاتي رابطن ۾ وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، ليبر/ افرادي قوت ۽ ثقافتي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ انهن سمورن شعبن ۾ تعاون کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ٽاسڪ فورس کي اهم قرار ڏنو ويو. ڌرين گڏيل وزارتي ڪميشن ۽ ٻطرفي سياسي مشاورت سميت تازي اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ اداراجاتي مڪينزم دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. ان کانسواءِ علائقائي مسئلن بشمول غزه ۾ اڳڀرائي ۽ خليج جي سلامتي جي وسيع تر معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم خطي ۾ ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ قطر جي تعميري سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن تڪرارن جي پرامن حل ۽ گڏيل قومن جي چارٽر سميت عالمي قانونن جي پاسداري جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي موجوده مسئلن تي رابطي ۾ رهڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں