اسلام آباد-24 فيبروري (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف سان ملاقات ڪئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير ترڪمانستان جي سفير جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ۽ رمضان جي برڪتن واري مهيني جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ امن، برڪت ۽ خوشحاليءَ جي دُعا ڪئي. سفير ٻنهي ملڪن وچ …
وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي ترڪمانستان جي سفير سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-24 فيبروري (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف سان ملاقات ڪئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير ترڪمانستان جي سفير جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ۽ رمضان جي برڪتن واري مهيني جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ امن، برڪت ۽ خوشحاليءَ جي دُعا ڪئي. سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود گهرن تاريخي ۽ ثقافتي رابطن کي اجاگر ڪندي چيو ته اهو گڏيل رشتو ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ علائقائي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ڌُرين توانائيءَ جي مضبوط بنيادي ڍانچي ۽ سرحد پار منصوبن جي تزويراتي اهميت تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪا علائقائي معاشي انضمام، توانائي جي تحفظ، لاڳاپيل ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ٻنهي طرفان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار کي اڳتي وڌائڻ ۽ وسيع علائقائي انضمام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويجها رابطا ۽ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون ته جيئن پاڪستان، ترڪمانستان ۽ پوري خطي کي گڏيل فائدا حاصل ٿي سگهن.











