سينيٽر شيري رحمان پاران ڪوهاٽ ۽ ڪرڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس موبئال تي حملن جي مذمت

اسلام آباد-24 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ڪوهاٽ ۽ ڪرڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس موبائل تي ٿيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي ۽ ان مقصد لاءِ پوري قوم متحد آهي، بهادر عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز هر لمحي وطن جي دفاع لاءِ تيار آهن ۽ دهشتگردن کو هميشه مُنهن …

اسلام آباد-24 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ڪوهاٽ ۽ ڪرڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس موبائل تي ٿيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي ۽ ان مقصد لاءِ پوري قوم متحد آهي، بهادر عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز هر لمحي وطن جي دفاع لاءِ تيار آهن ۽ دهشتگردن کو هميشه مُنهن جي کائڻي پوندي. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ مذمي بيان ۾ هن حملن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهيد ٿيل اهلڪار قوم جا هيرو آهن، جن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته شهيدن جي بهادري تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو مذهب سان ڪو تعلق ناهي ۽ امن دشمن ڌريون رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهيني جي تقدس کي پائمال ڪري رهيون آهن، زخمي اهلڪارن کي منتقل ڪندڙ ريسڪيو 1122 جي ايمبولينس کي باهه ڏيڻ به مذمت جوڳو فعل آهي. هن شهيدن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ پونئيرن کي صبر عطا فرماءِ.

مزید خبریں