لاڙڪاڻو - 24 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر عابد سليم قريشي نئين ديري ويجهو ڳوٺ وانڍ علي محمد ڪرٽيو ۾ گورنمينٽ اسڪول جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن اسڪول جا ڪلاس رومز گهمي ڏٺا ۽ شاگردن کان سوال جواب پڻ ڪيا. اسڪول جي استادن کيس اداري جي مسئلن بابت آگاهي ڏني، جنهن تي هن مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. هن استادن کي هدايت ڪئي ته اسڪول ۾ حاضري ۽ …
لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر پاران نئين ديري ويجهو ڳوٺ وانڍ علي محمد ڪرٽيو ۾ گورنمينٽ اسڪول جو دورو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 24 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر عابد سليم قريشي نئين ديري ويجهو ڳوٺ وانڍ علي محمد ڪرٽيو ۾ گورنمينٽ اسڪول جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن اسڪول جا ڪلاس رومز گهمي ڏٺا ۽ شاگردن کان سوال جواب پڻ ڪيا. اسڪول جي استادن کيس اداري جي مسئلن بابت آگاهي ڏني، جنهن تي هن مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. هن استادن کي هدايت ڪئي ته اسڪول ۾ حاضري ۽ شاگردن جي تدريسي عمل يقيني بڻايو وڃي. ڪمشنر لاڙڪاڻو ان موقعي تي موجود ڳوٺاڻن کان به اسڪول ۾ ٻارن جي پڙهائي ۽ استادن جي ڪارڪردگيءَ بابت معلومات پڻ ورتي.











