ڏکڻ سنڌ ۾ ڪڻڪ ۾ لابارا شروع، نئين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ لاءِ تيار، اگهه 4 هزار روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مُطالبو

حيدرآباد-24 فيبروري(اي پي پي) ڏکڻ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل جا لابارا شروع ٿي ويا آهن ۽ نئون ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ لاءِ تيار آهي، ايوان زراعت سنڌ سرڪار کان ھلندڙ سال ڪڻڪ جو امدادي اگھ گھٽ ۾ گھٽ 4 ھزار رپيا في مڻ مقرر ڪري 15 مارچ کان صوبي ۾ ڪڻڪ خريداري جا مرڪز کولڻ ۽ گھٽ ۾ گھٽ 15 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ آبادگارن کان خريد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت …

حيدرآباد-24 فيبروري(اي پي پي) ڏکڻ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل جا لابارا شروع ٿي ويا آهن ۽ نئون ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ لاءِ تيار آهي، ايوان زراعت سنڌ سرڪار کان ھلندڙ سال ڪڻڪ جو امدادي اگھ گھٽ ۾ گھٽ 4 ھزار رپيا في مڻ مقرر ڪري 15 مارچ کان صوبي ۾ ڪڻڪ خريداري جا مرڪز کولڻ ۽ گھٽ ۾ گھٽ 15 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ آبادگارن کان خريد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي پيٽرن ان چيف ۽ مرڪزي صدر پروفيسر ڊاڪٽر سيد نديم قمر ايوان زراعت سنڌ جي هيڊڪوارٽر حيدرآباد مان  جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارا شروع ٿي ويا آھن. ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي جھڏي، عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي ڪنري ۽ بدين جي ٽنڊي باگي ۾ ڪڻڪ جي فصل جا لابارا پئجي ويا آھن. جيڪا ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ لاء تيار آھي. ان لاء ايوان زراعت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي آھي ته فوري طور تي ڪڻڪ جو امدادي اگھ گھٽ ۾ گھٽ 4 ھزار رپيا في مڻ مقرر ڪري گھٽ ۾ گھٽ 15 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ آبادگارن کان سرڪاري طور تي خريد ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ ايندڙ ڪنھن بہ فوڊ سيڪيورٽي جي بحران کان بچي سگھجي. ايوان زراعت سنڌ جي پڌرائي ۾ وڌيڪ اھو ڄاڻايو ويو آهي ته ھن سال ڪڻڪ جي پوک 32 سيڪڙو گھٽ ٿي آھي. ان ڪري ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي بحران کي رد نٿو ڪري سگھي. ان شيء کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت کي فوري طور تي 15 مارچ کان صوبي ۾ ڪڻڪ جا خريداري مرڪز کولي گھٽ ۾ گھٽ 4 ھزار روپيا في مڻ اگھ جي حساب سان آبادگارن کان 15 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاء قدم کنيا وڃن. پروفيسر ڊاڪٽر سيد نديم قمر چيو ته ڪڻڪ جي پوک ۽ اگھ پاليسي جي حوالي سان ڪڻڪ جي فصل جي پوکي ۾ ريڪارڊ حد تائين گھٽتائي نظر اچي رھي آھي ۽ اھا ڳالھ ملڪ لاء سٺو سنئوڻ نه آھي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت ھميشه سنڌ جي آبادگارن جي مدد ڪئي آھي اسان کي اھا پوري اميد آهي ته ھن سال به سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو اگھ 4 ھزار رپيا مقرر ڪري 15 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي ۽ ايندڙ سال لاءِ سرڪاري گودامن ۾ ايتري ڪڻڪ جو ذخيرو گڏ ڪري رکندي جو فوڊ سيڪيورٽي جو بحران پيدا نه ٿي سگھي.