شڪارپور ۾ گذريل ڏينهن شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي جنازه نماز ادا ڪئي وئي

لاڙڪاڻو/شڪارپور(اي پي پي) شڪارپور ضلعي ۾ گذريل ڏينهن ذرخيل چوڪ وٽ ڏوهارين سان مقابلي دوران شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار صغير سنجراڻي جي جنازي نماز پوليس لائين شڪارپور ۾ ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ، رينجرز جي اعليٰ آفيسرن، ڊي ايس پي ظهور احمد سومرو سميت شهر جي سياسي، سماجي شخصيتن، پوليس آفيسرن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت …

لاڙڪاڻو/شڪارپور(اي پي پي) شڪارپور ضلعي ۾ گذريل ڏينهن ذرخيل چوڪ وٽ ڏوهارين سان مقابلي دوران شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار صغير سنجراڻي جي جنازي نماز پوليس لائين شڪارپور ۾ ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ، رينجرز جي اعليٰ آفيسرن، ڊي ايس پي ظهور احمد سومرو سميت شهر جي سياسي، سماجي شخصيتن، پوليس آفيسرن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪري شهيد کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو.ان موقعي تي شهيد جي قرباني کي ساراهيندي چيو ويو ته صغير سنجراڻي پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي بهادري ۽ فرض شناسي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ جو چوڻ هو ته شهيد پوليس اهلڪار جو رت رائيگان نه ويندو.