صدر پاران ڪوهاٽ ۾ پوليس گاڏي تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد - 24 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوهاٽ ۾ پوليس گاڏي تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي اسد محمود ۽ ٻين اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد ڊي ايس پي ۽ ٻين شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته …

اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوهاٽ ۾ پوليس گاڏي تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي اسد محمود ۽ ٻين اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد ڊي ايس پي ۽ ٻين شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ملڪ جي لاءِ عظيم قرباني ڏني اهي. صدر چيو ته ملڪن ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ناسور جو پاڙ کان خاتمو ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں